سرمست 28

سرمست 28

سرمست 28

سرمست 28: ’سرمست‘ جي اٺاويهين (28) ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي ۽ امر اقبال آهن. ٽائيٽل ڊزائين سعيد منگيءَ جي تيار ڪيل آهي. چيئرمئن سچل سرمست يادگار ڪميٽي ۽ D.C.O الهڏتي شر جي تصوير ۽ ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کان پوءِ مضمونن ۽ مقالن جي ترتيب هيٺينءَ ريت رکي وئي آهي:
(1) پورب ۽ جوڳي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سچل سرمست جي ڪلام ۾ ’الف‘ جي اهميت (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (3) سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ قرآن حڪيم جا حوالا (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (4) سچل سرمست کي يتيميءَ جو احساس (ڊاڪٽر ملڪ نديم)، (5) سچل جي شاعريءَ ۾ عشق جو فلسفو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (6) داستان مومل راڻو (نواز رڪڻائي)، (7) سچل جي نفيءَ جي نظريي جو اڀياس (برڪت بلوچ)، (8) اچ اچي ڏس عشق سچل جو: عشق نامي جو مطالعو (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، (9) سچل جي ڪلام ۾ مذهبي رواداري ۽ هـم آهـنگـي (پروفيسر موهن لعل پريمـي)، (10) عشق لڳئي ته ڪر آمين! (الطاف اثيم)، (11) سچل سائين وحدت الوجودي شاعر (عابد مظهر)، (12) سچل سرمست ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر (آغا نور محمد)، (13) سچل سائينءَ جي شاعري ۽ شخصيت تي صوفي انـقـلاب جـو ٻيـو اثـر (منصور ميراڻي)، (14) رشيد احمد لاشـاريءَ جـو سچل نامو (محمد پنهل ڏهر)، (15) سچل جا فڪري محرڪ (امام راشدي)، (16) آيا مک ويکڻ (ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري)، (17) حضرت سچل سرمست جي ديوان آشڪار جو سلسليوار ترجمو (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (19) انگريزي سامراج خلاف جدوجهد ۾ سچل سائينءَ جو ڪردار (حزب الله آءِ. سومرو)، (18) سچل ۽ عشق رسول (عبدالجبار عـبـد)، (19) سـچـل ۽ عـشـق خـدا (ڊاڪـٽر گلـزار احـمد سومرو عـبـدوي)، (20) سچل سراپا عشق (غوث بخش عباسي)، (21) سنڌ سچل جي پيغام کي ڪيتريقدر سمجهيو آهي؟ (نسيم بخاري)، (22) سچل سرمست هڪ سچو عاشق (ادريس عاجز عباسي)، (23) درازي درگاهه جا چند ديوان درويش (حاجي عبدالحميد سومرو درازي)، (24) حضرت سچل سرمست مستي ۽ ماڻهپي جو شاعر (راز علي گل ڀُٽو)، (25) سچل سرسبحان (فقير عطا فولادي)، (26) سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ سرمـسـتـي (سيما)، (27) وحدت جو وڻجارو حضرت سچل سرمست (علي حسن سرڪي).
ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل هي شمارو سچل يادگار ڪميٽي خيرپور 2007ع ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو